ٿلهي واري مزار

ٿلهي واري مزار: شاهپور چاڪر جو تاريخي قبرستان جنهن کي ’مير خان جا قبا'>شهداد خان جا قبا‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو، اتي وڏي ٿلهي تي هڪ مزار واقع آهي. اهو ٿلهو سيد عبدالله شاهه جي مزار جي اوڀر ۾ ڇهه-ست فوٽ اوچو آهي، ان ٿلهي تي پيلي پٿر جي هڪ وڏي مزار آهي، مزار تي چؤطرف آيت الڪرسي نقش ٿيل آهي. ٿلهي جي چوڌاري قبو آهي. جنهن کي ٻارهن ٿنڀا آهن. هن مزار تي ڪنهن به قسم جو ڪتبو وغيره نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو